جده -20 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سوڊان جي عوام لاءِ مملڪت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي، ته س??دس ملڪ سوڊان واسين سا?? گڏ بيٺل آهي، هن جده ڳالهين لاءِ هڪ حصي طور جهيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ سعودي عرب ۽ آمريڪا جي ٽياڪڙي جي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته بحران جي سياسي حل تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. هن ويڊيو ڪال ذريعي سوڊان بابت امدادي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته س??ڊان جو عوام تشدد سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فوري مدد جو منتظر آهي. گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته س??ڊان غير معمولي رفتار سا?? موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي. هن عطيو ڏيندڙن تي زور ڀريو ته اهي اڳيان وڌن ۽ انهي تباهي کي روڪين. سيڪريٽري جنرل مضبوط عالمي حمايت بنا سوڊان تيزي سا?? لاقانونيت جو ڳڙهه بڻجي سگهي ٿو جنهن سا?? سڄي خطي ۾ عدم تحفظ پکڙجي سگهي ٿو. هن چيو ته دارفور ۽ خرطوم جي صو??تحال تباهه ڪندڙ آهي، ماڻهن تي سندن گهرن ۽ رستن تي حملا ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته ٻن مهينن کان گهٽ ع??صي ۾ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ اهي سوڊان جي محفوظ علائقن يا سرحدن جي هن پار پناهه لاءِ مجبور آهن. 5 لک کان وڌيڪ ماڻهو اڳ ئي سرحد پار پاڙيسري ملڪن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ان تڪرار جي شروع ٿيڻ کان اڳ سوڊان اڳ ئي انساني بحران جو شڪار هو، جيڪو هاڻي هڪ تباهي جي صو??ت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن سا?? ملڪ جي اڌ آبادي کان وڌيڪ متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته صو??تحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته بحران جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ ان جو واحد رستو امن جي واپسي ۽ جمهوريت طرف منتقلي ذريعي سويلين حڪمراني جي بحالي آهي. اها امدادي ڪانفرنس گڏيل قومن جي انساني حقن ۽ پناهگيرن جي ادارن سا?? گڏوگڏ مصر، جرمني، قطر ۽ سعودي عرب کان علاوه آفريقي يونين ۽ يورپي يونين طرفان گڏيل طور تي منعقد ڪئي وئي آهي.
سوڊان غيرمعمولي رفتار سان موت ۽ تباهي طرف وڌي رهيو آهي: انتونيو گوتريش
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی