اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ چيو آهي ته خطي جي ترقي چين جو پراڻو خواب آهي، چين پاڪستان کي پنهنجو آئرن فرينڊ سمجهي ٿو، پاڪ چين اقتصادي لنگهه رڳو چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي حڪمت عملي جو نالو نه آهي پر اهو هن پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت وارو منصوبو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي پيڪ منصوبي جي سمٽ ۽ ايڪسپو جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. چيني ??فير چيو ته اقتصادي لنگهه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهم شعبن ۾ تعاون تي ٻڌل قدمن ?? منصوبن جو ٺوس پئڪيج آهي جنهن ۾ ??طل??عات جو نيٽ ورڪ، بنيادي ڍانچو، توانائي، صنعتون، زرا??ت، سياحت ۽ ڪيترائي ٻيا شعبا شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ