فيصل آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي توانائي ۽ معاشي بحرانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم نه کڻڻ تي گذريل حڪومتن جو احتساب ٿجڻ گهرجي جنهن سبب قوم اونداهي ۾ ٻڏل رهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? فيصل آباد ۾ ستاره ڪيميڪلز انڊسٽريز لميٽيڊ پاران 40 ميگاواٽ جي 3 ارب رپين جي لاڳت سان هنيل ڪول بجلي منصوبي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته ميان محمد ادريس جو والد غريبن جي خيرخواهه هو، هن ڪيترائي فلاحي ادارا قائم ڪيا، فيڊريشن آف چيمبرز ۽ ڪامرس جي لاءِ ميان ادريس جا قدم ساراهه جوڳا آهن، ڪيترائي سال اڳ لڳندڙ ??تاره ڪيميڪلز جو ٻوٽو وڌي اڄ وڏو وڻ ٿي چڪو آهي، دنيا ۽ آخرت جي ??اميابي سندس مقدر آهي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا