لنڊن – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي انتهائي مصروف دوري کانپوءِ نيويارڪ کان لنڊن پهچي ويو آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هي?? اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيويارڪ ويل هو، ان دوران هن مختلف عالمي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ دهشتگردي خلاف پاڪستان جي ڪردار کي پڻ اجاگر ??يو. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي گڏيل قومن جي پهرين دوري دوران سندس انتهائي مصروف شيڊيو?? رهيو ۽ هن مختلف عالمي اڳواڻن سان لاڳيتو ملاقاتن کانسوا??ِ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۽ او آءِ سي رابطا گروپ کي خطاب پڻ ڪيو ۽ ميڊيا کي پڻ انٽرويوز ڏنا. دوري دوران هن آمريڪا، برطانيا، اردن، ترڪي، نيپال، ايران ۽ سريلنڪا جي اڳواڻن سان ٻطرفن معاملن تي ڳالهيون ڪيون.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک