اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري مملڪتي وزير انوشه رحمان چي?? آهي ته پاڪستان ”ميڊ ان پاڪستان“ پورٽل جاري ڪري رهي?? آهي جيڪو 50 هزار دستڪارن کي آن لائين آڻي??دو?? اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي اي ڪامرس بابت آءِ سي ٽي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستاني قدمن کي اجاگر ڪندي چئي، انوشه رحمان چيو ته پاڪستان ۾ اسان سوچون ٿا ته س??ال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيزز (ايس ايم ايز) جي ترق?? جو ڪراس بارڊر اي – ڪامرس جي ترقي سان سڌو سنئون تعلق آهي، هن چيو ته حڪومت سڌي سنئين وزيراعظم جي سربراهي ۾ اي – ڪامرس پاليسي بور?? جوڙي?? آهي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت، واپار واري وزارت سان گڏ ان پاليسي تحت ملڪ ۾ جامع اي – ڪامرس پاليسي فريم ورڪ جوڙڻ جي غرض سان تعاون ڪري رهي آهي جيڪا س??ال بزنسز کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي ثمرن مان فا??دو کڻڻ ۾ مددگار ٿيندو
پاڪستان ميڊ ان پاڪستان پورٽل جاري ڪري رهيو آهي: انوشه رحمان
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا