جده -12 جو??اء?? (اي پي پي) سعودي عرب کي انٽرنيشنل ??ول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي اعليٰ ڪميٽين مان هڪ جو صدر چونڊيو ويو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق علائقائي ۽ عالمي سطح تي هوا بازي جي صنعت کي هٿي وٺائڻ ??اء?? سعودي عرب جي ڪوششن سال 24-2023ع ??اء?? انٽرنيشنل ??ول ايوي ايشن آرگنائيزيشن (ايڪاو) جي ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. ڊاڪٽر بدر بن صالح الصقري 24-2023ع ??اء?? ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي ۾ سعودي عرب جي نمائندي طور ڪم ڪندو، ان ڳالهه جو اعلان مونٽريال، ڪينيڊا ۾ ايڪاو جي ڪائونسل جي 229هين سيشن دوران ڪيو ويو. ان قدم سان سعودي عرب پاليسين، اسٽريٽجڪ ۽ منصوبابندي جي سرگرمين بابت سفارشون فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. عالمي سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن 193 ملڪن تي ٻڌل، گڏيل قومن جي خصوصي ايجنسين مان هڪ آهي. ان جو مقصد سول ايوي ايشن جي شعبي ۾ ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ هم اهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان شعبي کي منظم ڪرڻ ??اء?? معيار، فريم ورڪ ۽ پاليسيون مر??ب ڪرڻ آهي. تنظيم ۾ ايوي ايشن سيڪيورٽي ڪميٽي جي اهم ترين ڪمن مان پاليسيون، اسٽريٽجڪ سمتن ۽ ترجيحن جي باري ۾ ڪائونسل کي پنهنجون سفارشون پيش ڪرڻ ۽ ايوي ايشن سيڪيورٽي سان لاڳاپيل سرگرمين جي منصوبه بندي ڪرڻ آهي. ڪميٽي جي ذميوارين ۾ عالمي معيار ۽ سلامتي جي سفارشن تي مشاورت جي پيشڪش، عالمي شهري هوابازي ??اء?? اڀرندڙ خطرن جو اندازو لڳائڻ ۽ صنعت کي غيرقانوني مداخلت کان بچائڻ ??اء?? ضروري قدمن تي عملدرآمد ڪرڻ به شامل آهي. واضح رهي ته سعودي عرب 1962ع کان تنظيم جو ميمبر آهي، ان 1980ع ۾ پنهنجو مستقل وفد قائم ڪيو ۽ 1986ع کان اڄ تائين تنظيم جي ڪائونسل جو ميمبر آهي.
سعودي عرب هوازبازي جي عالمي تنظيم واري سيڪيورٽي ڪميٽي جو صدر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار