گڏيل قومون -16 سيپٽمبر (اي پي پي) روس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي اي??نڊ?? ۾ والاريل يوڪرين جي علائقن جي صورتحال جي عنوان س??ن اي??نڊ?? آئٽم جي شموليت تي اعتراض واريو. روس جي نمائندي موقف اختيار ڪيو ته اهي لفظ حقيقت جي عڪاسي نه ٿا ڪن ۽ انهن ذريعي ڄاڻي واڻي عالمي برادري کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. روس جي نمائندي ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته اها خوداراديت جي بنيادي اصول جي پڻ ابتڙ آهي. روس جي نمائندي چيو ته 2014ع ۾ يوڪرين ۾ نازي نواز خ??ني بغاوت اولهه طرفان شروع ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ يوڪرين ۾ روس جو نس??، روسي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ عيسائي آرٿوڊوڪس شهرين کي منظم طريقي سان ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو ۽ کين ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اها اي??نڊ?? آئٽم رڳو يوڪرين حڪومت جا بي بنياد الزام ۽ پروپئگنڊا کي پکيڙڻ ۾ مددگار آهن. جڏهن ته يوڪرين جي موضوع تي ٻين فورمز ۾ به ڳالهيون ڪيون ويون، انهي لاءِ اهو اي??نڊ?? آئٽم ڪوشش کي ورجائڻ لاءِ واضح مثال آهي. يوڪرين نمائندي پنهنجي طرف??ن ان اي??نڊ?? جي آئٽم کي شامل ڪرڻ تي جنرل اسيمبلي جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته يوڪرين تي روسي فيڊريشن جي حملي جي پس منظر ۾ اي??نڊ?? ۾ ان آئٽم کي برقرار رکڻ انتهائي اهميت رکي ٿو. پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت 130 کان ??ڌيڪ ملڪن جي سربراهن جو ان ??وقعي تي اعليٰ سطحي بحث ۾ شرڪت جو امڪان آهي.
روس پاران جنرل اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊا ۾ والاريل يوڪرين جي علائقن جي صورتحال جي عنوان سان آئٽم جي شموليت تي اعتراض
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی