بيروت-25 آڪٽوبر(اي پي پي) لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي چيو آه?? ته لبنان جي آئين ۽ قانون موجب هٿيار رکڻ جو اختيار صرف فوج کي هجڻ گهرجي. ميڊيا رپورٽن موجب لبنان جي وزيراعظم نجيب ميقاتي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان ۾ جنگ بندي لاءِ تمام گهڻو عالمي دٻاءُ موجود آه??.هن لبنان جي حمايت لاءِ من??قد ڪيل پريس ڪانفرنس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو جنگ بندي جو فيصلو اسرائيل جي هٿ ۾ آه??. هن چيو ته شهرين کي امداد فراهم ڪرڻ کان ا ڳ انهن جو تحفظ ضروري آه??. ان لاءِ پهرين جنگ بندي ۽ بعد ۾ 1701 ٺهرا??َ تي عملدر??مد کي ترجيح ڏني ويندي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته آئين موجب لبنان ۾ هٿيار رکڻ فوج تائين محدو?? هجڻ گهرجن. نجيب ميقاتي جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آه?? جڏهن حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ گولا باري ۽ بمباري جو سلسلو جاري آه??.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار