واشنگٽن-12 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چين جي صدر شي جن پنگ کي ايندڙ مهيني پنهنجي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ چونڊن کان فورن پوءِ نومبر جي شروعات ۾ صدر شي جن پنگ کي جنوري 2025ع ۾ پنهنجي حلف برداري ??ار?? تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي جڏهن ته اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته چيني صدر دعوت قبول ڪئي آهي يا نه، رپورٽ موجب آمريڪي عملدارن 20 جنوري تي ٿيندڙ حلف برداري ??ار?? تقريب ۾ پرڏيهي شخصيتن جي شرڪت لاءِ منصوبابندي ڪري رهيا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيم موجب صدارتي حلف برداري ??ار?? تقريب ۾ وڌيڪ پرڏيهي ??ڳو??ڻن کي شرڪت جي دعوت ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته فرانسيسي رسالي کي انٽرويو ڏيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منهنجو خيال آهي ته اسان کي ي??ڪر??ن جو مسئلو روس سان گڏ حل ڪرڻو پوندو. ان سوال جي جواب ۾ ته ٻيون ڀيرو آمريڪا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ بين الاقوامي سياست ۾ سندس پهرين ترجيح ڇا هوندي؟ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته روس ۽ ي??ڪر??ن ٻئي ملڪ وڏي تعداد ۾ جاني نقصان برداشت ڪري رهيا آهن جو ڪنهن کي به يقين ن??و اچي. ان جنگ ۾ ٻنهي پاسن جا ڪيترائي فوجي مارجي رهيا آهن. پنهنجي موقف جي وضاحت ڪندي ٽرمپ چيو ته ظاهر آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال به هڪ وڏي ترجيح آهي، پر منهنجي راءِ ۾ وچ اوڀر جي صورتحال روس ۽ ي??ڪر??ن جي بحران جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڏکئي آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران چين جي صدر کي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت، پهرين ترجيح يوڪريني بحران جو خاتمو آهي: ٽرمپ
مضمون کا ماخذ : پاور بال