ڪالا شاهه ڪاڪو – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي عوام بيروزگاري، غربت، مهانگائي ۽ توانائي بحران جو خاتمو چاهي ٿي، پاڪستان جي معاشي ترقي جو دنيا اعتراف ڪري رهي آهي، ص??ت جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ 40 نيون اسپتالون ٺاهيون پيون وڃن، ڪوڙ، الزام بازي نه ٿا ڪريون پر سياست کي عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون. ڪالا شاهه ڪاڪو ۾ لاهور اوڀر باءِ پاس جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم چيو ته مون کي عوام جو پيار هتي وٺي آيو آهي، مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن ج??ز بحالي جي لاءِ ل??نگ مارچ جي سلسلي ۾ اسان لاهور کان نڪتا هئاسين ته ڪالا شاهه ڪاڪو جا ماڻهو اسان سان گڏ نڪت?? ۽ ??سان جي گاڏي سان چنبڙي رهيا هئا، اهي منظر آئون ڪڏهن وساري نه سگهندس، اهو پاڪستان سان محبت جو ثبوت هو، مون کي ان تي فخر ??هي. وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ٿو ته ڪالا شاهه ڪاڪو جي لاءِ ڪجهه ڪريان ان لاءِ اڄ هتي آيو آهيان.
عوام بيروزگاري، غربت، مهانگائي جو خاتمو چاهي ٿي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ