اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي ڀارت جي ٻٽي رويي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، ڀارت نيوزيلينڊ واق??ي جي مذمت ته ڪئي پر مسلمان شهيدن ۽ مسجدن جو ذڪر به نه ڪيو، سمجهوتا ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي بابت ڀارتي عدالت جو فيصلو ڀارت جي ٻٽي معياري جي عڪاسي ڪري ٿو، چين پاڪستان جو لازوال دوست ۽ جبل وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، هلندڙ سال چين مان ه?? ارب ڊالر اضافي ايڪسپورٽ متوقع آهي، آم??يڪ?? سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات واري و??ير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي و??ير چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهن جي ذميوار چئن ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم