اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2021ع ۾ پ??ڪس??انين کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏينداسين ۽ ڪو پ??ڪس??اني بکيو نه سمهندو، ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهينداسين، صنعتن کي مراعتون ڏينداسين، پ??ڪس??انين کي غربت مان ڪڍڻ، صنعتن کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ چين جي تجربن مان رهنمائي حاصل ڪنداسين. هو هتي پ??ڪس??ان ۾ متعارف ٿيندڙ گاڏين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وزيراعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪب??د پيش ڪندي چيو ته پ??ڪس??ان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پ??ڪس??ان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو ترقي جي اهميت کان آگاهه آهي، اسان پ??ڪس??ان جي مستقبل جي لاءِ چين کان سکي سگهون ٿا، ان جي تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ ماڊل آهي، جهڙي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، جهڙي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، جهڙي طرح سرمايو آندو ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان کي اسلامي فلاحي رياست ??ڻائڻ ۽ پ??ڪس??انين کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جو بنيادي هدف آهي. اسان صنعتي اقتصادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.
2021ع ۾ ترقي جي راهه تي گامزن ٿينداسين، ڪو به پاڪستاني بکيو نه سمهندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار