اسلام آباد -22 آگسٽ (اي پي پي) گهرو و??ير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. افغانستان ۾ امن ۽ مستحڪم حڪومت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ??هنداسين، پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سهڪار ۽ ترقي کي دهشتگردن هٿان يرغمال ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن چيني سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ گهرو و??ير جي رهائشگ??هه تي ان سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ چين ٻه طرفن لاڳاپن سميت خطي جي مجموعي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گهرو و??ير چيني سفير ۽ ٻين تي سفارتي عملي کي مانجهاندو ڏنو. ان موقعي تي گهرو و??ير چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو خطو تمام گهڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي. هن چيو ته گهرو وزارت افغانستان مان نڪرندڙن کي ڀرپور معاونت ڏئي رهي آهي، چيني شهرين ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائينداسين. ان موقعي تي چيني سفير چيو ته پاڪستان ۾ چيني ڪمپنيون مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيون آهن. چيني شهرين ۽ ڪمپنين لاءِ سيڪيورٽي پروٽوڪول وڌيڪ سخت ڪيو وڃي.
افغانستان ۾ پائيدار امن خطي جي ترقي ۽ دنيا جي سلامتي لاءِ اهم آهي: شيخ رشيد احمد
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔