اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته اسان کي افغانستا?? جي موجوده صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفاد?? جي تحفظ لاءِ جتي به ضرورت پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان زراعت جي ڪميٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، موجوده اسيمبلي اهم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ۽ 200 کان وڌيڪ بل ڪميٽين ۾ غور هيٺ آهن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبقي جي حوالي سان قدم کنيا آهن، خصوصي ماڻه?? جي حوالي سان به قانونسازي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان کي افغانستا?? جي صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. افغانستا?? جي ماڻهن کي خوراڪ جي ??را??مي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. افغانستا?? جي صورتحال تي پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپختونخوا صوبي جي قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي سا?? جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سان پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔