دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ت??جڪ??تان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو، ت??جڪ??تان جي وزيراعظم قاهر رسول زاده وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين?? بحري معاملن وارو وفاقي وزير سيد ??لي حيدر زيدي، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ نيشنل سيڪيورٽي وارو ايڊوائيزر ڊاڪٽر معيد يوسف به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزيراعظم ت??جڪ??تان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم عمران خان ت??جڪ??تان جي صدر امام ??لي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو، وزيراعظم ۽ ت??جڪ??تان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان ت??جڪ??تان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ آهي.
وزيراعظم تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش