اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته خطي جي سطح تي واپار، سيڙپڪاري ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تن??يم اهم پليٽ فارم آهي، ڀارت اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي امن ??وششن جو حصو بڻجي. شنگهائي تعاون تن??يم جي اجلاس 2021ع ۽ علائقائي صورتحال جي حوالي سان دوشنبي ۾ مقامي ۽ عالمي ميڊيا عيوضين سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪاسا 1000، تاپي گيس پائيپ لائين ۽ ريل لنڪ منصوبا سڄي خطي لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن ٿا. پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن.
شاهه محمود قريشي چيو ته شنگهائي تعاون تن??يم جي سربراه اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، روس، ايران ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن عجو اجلاس ٿوي. جنهن ۾ افغان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ??ڏي?? حڪمت عملي اختيار ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ صورتحال خراب ٿئي ٿي ته بين الاقوامي دهشتگرد تن??يمن ??ي پنهنجو نيٽ ورڪ وڌائڻ جو موقعو مي??ر اچي سگهي ٿو.
هن چيو ته افغانستان گذريل ٻن سالن کان سوڪهڙي جو شڪار آهي جيڪڏهن ان جو حل نه ڪڍيو ويو ته انساني بحران جنم وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته شنگهائي تعاون تن??يم جي هن اجلاس وسيلي اسان مشاورت سان علائقائي سطح تي افغانستان جي حوالي سان ??ڏي?? حڪمت عملي جوڙي سگهون ٿا. منهنجي راءِ مطابق ڀارت پاڪستان تي الزام هڻڻ واري روش ڇڏي نئين حقيقي کي منهن ڏئي.
هن چيو ته افغانستان ۾ پيش ايندڙ حالتن ۽ واقعن جي بنيادي ذميداري افغانستان جي اڳوڻي ناڪام حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي. هندوستان، دوحه ۾ ٿيل بين الافغان ڳالهين جي ڪاميابي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو. ڀارت کي گهرجي ته اسپائيلر جو ڪردار ڇڏي خطي جي امن ۽ استحڪام کي نظر ۾ رکندي امن ??وششن جو حصو بڻجي.