اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، افغانستان ۾ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغان عوام جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي. پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي و?? ۾ ??فد?? جي سطح تي ڳالهيون پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيون، پاڪستاني وف?? جي قيادت پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جڏهن ته ڊينش وف?? جي قيادت ڊينمارڪ جي پرڏيهي وزير يپي ڪوفو ڪئي.
ڳالهي?? ۾ ??ه طرفي لاڳاپن، افغانستا?? جي اڀرندڙ صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، ڊينمارڪ سان ٻطرفي لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، هن چيو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي حوالي سان پاڪستا?? جي مدد تي اسان ڊينمارڪ جا ٿورائتا آهيون. اسان ٻاهرين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڪيتريون ئي پُرڪشش مراعتون ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته ڪاروبار ۾ آسائش?? جي حوالي سان پاڪستا?? جي عالمي درجا بندي ۾ بهتري آئي آهي.
شاهه محمود قريشي چيو ته ڊينس ڪم??ني??ن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ذريعي انهن مراعتن مان فائدو کڻي سگهن ٿيون، هن چيوته پاڪستان ۽ ڊينمارڪ جي و?? ۾ ??ابل تجديد توانائي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ٻطرفي تعاون جو فروغ واکاڻ جوڳو آهي، ٻنهي ملڪ?? جي پارليامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڊينمارڪ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي موجودگي، پارليماني رابط?? جي فروغ جو سبب آهي، پرڏيهي وزير افغانستا?? جي صورتحال جي حوالي سان چيو ته اسان هڪ هزار کان وڌيڪ ڊينس شهرين کي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، مون کي خوشي آهي ته افغانستا?? جي حوالي سان اسا?? جي موقف ۾ هم آهنگي آهي،
هن چيو ته افغانستان ۾ تازي تبديلي جي دوران رتوڇاڻ ۽ خانه جنگي جو نه هجڻ مثبت رخ آهي، عالمي برادري افغانستان ۾، پاڪستان وانگر اجتماعيت جي حامل حڪومت جي خواهشمند آهي،پرڏيهي وزير چيو ته ضرروت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ جنم وٺندڙ انساني ۽ معاشي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي برادري افغانستا?? جي مدد لاءِ ٺوس قدم کڻي، ??قت??ادي بحران سبب دهشتگرد گروهن کي افغانستا?? ۾ ??دم ڄمائڻ جو موقعو ملندو. شاهه محمود قريشي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري جي ڏس ۾ ڊينش هم منصب سان ٽريول ايڊوائيزري تي نظرثاني جو مطالبو ڪيو. ڊينش پرڏيهي وزير ڊينش شهري?? جي ڪابل مان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ مدد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.