اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو، وزيراعظم اڄ ڇنڇر ڏينهن لنڊن کان متحده عرب امارات ويندو، جتي آچر تي يو اي اي جي ولي عهد شيخ محمد بن زيد النيهان سان مرحوم صدر جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان م??جب وزيراعظم شهباز شريف يو اي اي جي قيادت ۽ عوام سان افسوس جو اظهار ڪندو. پاڪستان جي عظيم دوست شيخ زيد جي لاڏاڻي کانپوءِ شيخ خليفه بن زيد پنهنجي والد جي مشن کي قابليت سان ا??تي وڌايو. وزيراعظم شهباز شريف تعزيتي پيغام ۾ چيو ته شيخ زيد يو اي اي جي فيڊريشن جو بنياد رکيو هو، شيخ خليفه ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ مثالي ترقي ڏني، 50 سالن جي مسلسل محنت سان شيخ خليفه يو اي اي لاءِ پنهنجي والد جي ترقياتي ويزن کي نئين ??لن??ين تي پهچايو، شيخ خليفه مرحوم پنهنجي دور ۾ مشاورت کي پنهنجي قوت بڻايو، هو عوام سان رابطي ۾ رهندو هو، وزيراعظم تعزيتي پيغام ۾ چيو ته هو اعليٰ تعليم يافته ۽ زيرڪ شخصيت هو جنهن پنهنجي اقتدار کي ملڪ ۽ عوام جي خدمت لاءِ وقف رکيو، شيخ زيد وانگر شيخ خليفه بن زيد النيهان جو لاڏاڻو مسلمان امت لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي، وزيراعظم مرحوم جي ??لن?? درجن ۽ يو اي اي جي حڪومت ۽ عوام لاءِ صبر جم??ل جي دعا ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف شيخ خليفه بن زيد النيهان جي لاڏاڻي تي تعزيت لاءِ متحده عرب امارات ويندو
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی