اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??اڪ??تان ڪئناڊا سان و??پار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، ريڪوڊڪ منصوبي س??ن روزگار جا موقعا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار هن ??اڪ??تان ۾ ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر وينڊي گلور سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن و??يراعظم سان هتي ملاقات ڪئي ۽ ??اڪ??تان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ دوستي ۽ خيرسگالي تي ٻڌل ڊگهي مدي واري حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪئناڊا جون ڪمپنيون ??اڪ??تان ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جو فائدو کڻي سگهن ٿيون. هن چيو ته ??يڪوڊڪ منصوبي س??ن روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ خاص طور تي بلوچستان جي عوام جي لاءِ اقتصادي موقعا پيدا ٿيندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته ميرڪ گولڊ جلد منصوبي تي ڪم شروع ڪندي. وزيراعظم چيو ته ??فغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ انساني ۽ اقتصادي بحران کان بچڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. يوڪرين جي معاملي تي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد جي لاءِ ??اڪ??تان جي اصولي موقف کي ورجائيندي وزيراعظم عالمي برادري تي زور ڏنو ته ??ها سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ان مسئلي جي پرامن حل جي لاءِ قدم کڻي. وزيراعظم شهباز شريف ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يوڪرين جي عوام جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي ??اڪ??تان مان موڪليل امدادي س??مان کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ عوام جي س??ح تي رابطي ۽ اعليٰ سطحي دورا وڌائڻ جي ضرورت آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه کي ڀرپور طريقي س??ن ملهائڻ گهرجي. ڪئناڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪئناڊا جي ڪمپنين کي ??اڪ??تان ۾ معاشي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هن 15 آگسٽ 2021ع کانپوءِ ڪئناڊا ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ تعاون ۽ خاص طور تي ڪئناڊا جي شهرين جي انخلا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي ??اڪ??تان جي تعاون کي س??راهيو. وزيراعظم ڪئناڊا جي هم منصب جسٽن ٽروڊو کي ??اڪ??تان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ چيو ته ??ن دوري س??ن ??اڪ??تان ۽ ڪئناڊا جا لاڳاپا مضبوط ٿيندا.
پاڪستان ڪئناڊا سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔