واشنگٽن – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي نئين سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي قانونن ۽ آئين جو احترام نه ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندي، اڳوڻ?? وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جي خوش آمد ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا هئي، هن ان يق??ن جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن اسان افغان عبوري حڪومت سان گڏجي ڪم ڪري سگهون ٿا جنهن جو انهن گروهن تي اثر آهي، ته اسان پنهنجي سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. اهڙن ??يا??ن جو اظهار هن ”واشنگٽن پوسٽ“ سان ڊيووس سوئيٽزرلينڊ ۾ هڪ انٽرويو ۾ ڪيو جتي هو ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيه?? وزير چيو ته عمران خان ٽي ٽي پي کي نه رڳو لڪڻ جي جڳهه ڏني پر ان جي قيدين کي آزاد ڪيو جيڪي پاڪستان جي تحويل ۾ هئا ۽ انهن سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان سدائين نظرياتي طور تي انهن جي موقف جو همدرد رهيو آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا پاڪستان کي اميد هئي ته نئين افغان حڪومت ٽي ٽي پي جي خلاف ڪارروائي ڪندي، پرڏيه?? وزير چيو ته اسان جي اميد ۽ حقيقت ۾ ان جو معاهدو اهو هو ته انهن جي سرزمين دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي، اسان کي اميد آهي ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انهن سان تعاون ڪنداسين جيڪو اسان جي لاءِ ڳڻتي جوڳو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي دهشتگردي جو شڪار آهن، مون کي يق??ن نه آهي ته افغان حڪومت دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿيندي ۽ نه ئي اسان دهشتگردي جي خلاف پنهنجي طور تي ڪامياب ٿينداسين، اسان کي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. پرڏيه?? وزير هڪ سوال جي جواب ۾ ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن 2007ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو زندهه رهي ها ته نه رڳو پاڪستان هڪ مختلف جڳهه هجي هي پر خطو مختلف رخ ۾ گامزن هجي ها. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو مقصد پاڪستان کي هڪ جمهوري ملڪ بڻائڻ آهي، اسان سمجهون ٿا ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جو واحد رستو جمهوريت آهي. ان سوال جي جواب ۾ ته ڇا هو هلندڙ سال ۾ وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ظاهر آهي ته اڳ ۾ چونڊون کٽڻيون پونديون. هن چيو ته منهنجي پارٽي اميد ڪندي ته اسان کٽي وينداسين، پاڪستان پيپلزپارٽي جو پنهنجو منشور آهي ۽ پاڪستان کي جيڪي چئلينجز درپيش آهن مون کي يق??ن آهي ته اسان جي پارٽي جو منشور ملڪ جي اهم مسئلن بشمول مهانگائي ۽ بيروزگاري تي بهترين ڳالهه ڪري ٿو. هن چيو ته مون کي يق??ن نه آهي ته ڪا هڪ پارٽي پاڪستان جا سمورا مسئلا حل ڪري سگهندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان جي پارٽي سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري ٿي ته آئون وزيراعظم طور حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ هڪ اتحادي حڪومت ٺاهينداسين.
پاڪستان جي نئين سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ جي قانونن ۽ آئين جو احترام نه ڪندڙ دهشتگرد تنظيمن سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪندي، عمران خان جي حڪومت ٽي ٽي پي جي خوش آمد ڪرڻ واري پاليسي تي عمل پيرا هئي: بلاول ڀٽو زرداري جو واشنگٽن پوسٽ کي انٽرويو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل