اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ناليواري شاعر، ليکڪ، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار امج?? اسلام امجد جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم امج?? اسلام امجد جي گهروارن ۽ ان جي مداحن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته امج?? اسلام امجد پنهنجي عهد جو ??ظم جو سڀ کان وڏو شاعر هو. هن انساني جذبن کي پنهنجي تهذيب ۽ روايت موجب زبان ڏئي امر ڪري ڇ??يو. وزيراعظم چيو ته ذاتي حوالي سان هو هڪ وڏو انسان هو. علم ۽ ادب سان دلچسپي رکندڙ هر پاڪستاني جي گهر جو ??ُو فرد هو، سندس لاڏاڻي جو ڏک پاڪستان جي هر شهري جو ذاتي ڏک آهي. هُن شعر ۽ ادب جي هر صنف ۾ پنهنجي صلاحيتن ۽ فن کي مڃرايو. وزيراعظم چيو ته سندس لاڏاڻو علم ۽ ادب جي شعبي جو ??ڏو نقصان آهي. وزيراعظم چيو ته امج?? اسلام امجد پاڪستان ٽيليويزن کي وارث، فشار ۽ سمندر جهڙا ڊرام?? ڏنا، ادب لاءِ سندس خدمتن کي مدتن تائين ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻي سان پاڪستاني ادب هڪ عظيم ليکڪ ۽ ساعر کام محروم ٿي ويو آهي، وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
وزيراعظم پاران ناليواري شاعر امجد اسلام امجد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث