لنڊن – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهب??ز شريف امير مقام پاران خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران بابت ڌيان ڏيڻ جو فوري نوٽيس وٺندي عملدارن کي ان جي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قد?? کڻڻ جُون هدايتُون ڪيُون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف سان صلاحڪار ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخواهه جي صدر انجنيئر امير مقام خيبرپختونخواهه ۾ اٽي بحران بابت ازبڪستان مان وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ وزيراعظم کي صوبي ۾ اٽي جي بحران بابت عوام ۾ پيدا ٿيندڙ ڳڻتي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي وزيراعظم فوري طور تي ايڪشن وٺندي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ فوري طور تي بحران جي خاتمي لاءِ عملدارن کي ضروري قد?? کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهب??ز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه سميت ٻيا صوبا انتهائي اهميت رکندڙ ??هن، جيترو پنجاب آهي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام مشڪل اسان جي مشڪل آهي.
وزيراعظم خيبرپختونخواهه ۾ اٽي جي بحران جو نوٽيس ورتو، عملدارن کي جاچ ۽ فوري طور بحران جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ