اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو، گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان دنيا جي وڳوڙي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستاني ??يس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ??ردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي امن دستن جي 75 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي ??يس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن جي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پاڪستاني ??يس ڪيپرز امن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي يو اين ??يس سان تاريخي حصيداري آهي ۽ پاڪستاني ??يس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گذريل ??ال 8 پاڪستاني ??يس ڪيپرز گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ شهادت ماڻي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن گڏيل قومن جي ڪمان هيٺ امن دستن جي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن ڀرپور ??وششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پاڪستاني ??يس ڪيپرز گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو: مملڪتي وزير حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا