اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا، غيرملڪي فلم سازن کي پاڪستان ۾ عڪسبندي ۽ فلم سازي جي شعبي ۾ خصوصي رعايتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، پاڪستاني شاگردن کي فلم، آر?? اينڊ ڪلچر ۾ فني تربيت جي فراهمي لاءِ جرمن ادارن جي تعاون ??ا خواهشمند آهيون. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جرمني جي سفير ايلفرڊ گرناس سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، آرٽ ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ بيبلسبرگ يونيورسٽي ۽ يونيورسٽي آف ٽيليويزن اينڊ فلم ميونڪ سان حصيداري عمل جي تجويز تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير جرمن سفير کي فلم اينڊ ڪلچر پاليسي ۽ ان تحت ڏني ويندڙ مراعتن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جرمني ۽ پاڪستان جي نجي سرڪاري درسگاهن ۾ تعاون سان فلم، آر?? اينڊ ڪلچر کي فروغ ملي سگهي ٿو. وفاقي وزير جرمن اين جي اوز جي آئي زيڊ ۽ هانس سيڊل فائونڊيشن جي پاڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيو. هن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 18 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد تي جرمني جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته ماحولياتي تبديلين جي مقابلي لاءِ عالمي ڪانفرنس ۾ 8 ڪروڙ 40 لک يورو جي امداد جي فراهمي جو واعدو جرمني جي پاڪستان دوستي هڪ ٻيو ??بو?? آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 4 ارب ڊالر کان وڌائڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته اقبال ۽ گوئيٽه ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ جهڙي حيثيت رکن ٿا، برلن ۾ اقبال گوئيٽه آر?? اينڊ ڪلچر سينٽر قائم ڪرڻ سان ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو ايندي. هن چيو ته جرمن ميڊيا پاڪستان جي حالتن جي غيرجانبداراڻي انداز ۾ رپورٽ ڪري ٿي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. جرمني جي صحافتي تنظيمن جي وفد جو پاڪستان جو ايندڙ مهيني دورو متوقع آهي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ۽ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. جرمن سفير اطلاعات واري وزير جي فلم اينڊ ڪلچر جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.
اسڪرين ٽوئرازم جي ذريعي پاڪستان جي خوبصورت ثقافت ۽ تهذيب ۽ تمدن پوري دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná