اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? اڄ اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پاڪس??ان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪن??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪس??ان جڏهن خادم اعليٰ پنجاب هو، تڏهن هن پنجاب ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ جو بنياد رکيو هو، وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ هن پاڪس??ان انڊوومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هلندڙ سال ان فنڊ مان 12 هزار باصلاحيت ۽ مستحق شاگرد ۽ شاگردياڻيون فائدو کڻندا جنهن ۾ 50 سيڪڙو ڪوٽا عورتن جي لاءِ رکي وئي آهي. ايندڙ چار سالن ۾ ان فنڊ مان 10 ارب رپين جا وظيفا ميرٽ تي ڏ??ا ويندا. وزيراعظم اڄ قومي نصاب ۾ پاڪس??ان جي آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي شموليت جي پڻ شروعات ڪن??و. ان سان نه رڳو پاڪس??ان جي نئين نسل آئين ۾ ڏنل پنهنجي بنيادي حقن بابت آگاهه ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ ڪوڊنگ جهڙي جديد هنر حاصل ڪرڻ سان عالمي سطح تي افرادي قوت جي مقابلي ۾ روزگار جا بهتر موقعا حاصل ڪري سگهندي. ان موقعي تي وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪن??و.
وزيراعظم پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ ۽ قومي نصاب ۾ سڌارن جي شروعات ڪندو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر