اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مستونگ ڌماڪي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ تي حملو هڪ بزدلاڻو فعل آهي جنهن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته مون سميت پوري قوم ??هشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا اکومولڈا