بيجنگ – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سي پيڪ کي پاڪ چين دوستي جي لاءِ سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ گذريل 10 سالن ۾ سي پيڪ جا ثمر معاشي ترقي جي صورت ۾ سامهون اچي رهيا آهن، سي پيڪ سان پ??ڪس??ان جي معاشي ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ خطي ۾ مواصلاتي رابطن کي فروغ ملندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار چائنا ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سڊڪا) جي چيئرمين لئو زائو هوئي سان ملاقات دوران ڪيو. نگران وزيراعظم سي پيڪ جي حصيداري ۽ رابطا وڌائڻ جي ويزن کي ساراهيندي چيو ته ان جا ثمر گذريل 10 سالن ۾ پ??ڪس??ان جي معاشي ترقي جي صورت ۾ حاصل ٿيا. نگران وزيراعظم چيو ته سي پي?? پاڪ چين دوستي جي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، جنهن سان نه رڳو پ??ڪس??ان ۾ معاشي ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي پر خطي ۾ مواصلاتي رابطن ۽ مجموعي ترقي کي فروغ ملندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ لئو زائو هوئي چين ۽ پ??ڪس??ان جي وچ ۾ سي پيڪ تحت زراعت، صحت، تعليم، پ??شي??اراڻي تربيت، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ غربت جي خاتمي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. لئو زائو هوئي چين جي گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ نگران وزيراعظم جي تجويز جي آجيان ڪئي. نگران وزيراعظم پ??ڪس??ان ۽ سڊڪا جي وچ ۾ حصيداري خاص طور تي ان تح?? پاڪستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي ساراهيو. سڊڪا جي چيئرمين لئو زائو هوئي نگران وزيراعظم کي پنهنجي اداري پاران سي پيڪ جي ڊگهي مدي وارن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران سي پيڪ پاڪ چين دوستي جي لاءِ سنگ ميل قرار
مضمون کا ماخذ : sorteios quina