ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪ??ه جي بحر??ه جو جهاز ڪنالياڊا پاڪستان جي خير سگالي واري دوري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ بحريه ۽ ترڪ??ه جي بحر??ه جي جهازن عربي ??من?? جي اتر ۾ گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامونڊي مشقون ڪيون. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامونڊي آپريشنز سميت غير روايتي خطرن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس مشقون شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي بهتر بڻائڻ ?? ٻنهي ملڪ جي سامونڊي فوج وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري دوران ترڪ جي بحر??ه جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم جي اڳواڻي ۾ ترڪ??ه جي بحر??ه جي وفد پاڪ بحر??ه جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪ??ه جي بحر??ه جي وفد پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي طور تي گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪ??ه جي بحر??ه جي جهاز جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي عام طور ?? ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خاص طور تي هٿي ڏيندو.
پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي بحريه جون عربي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل بحري مشقون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری