اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرامن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ، گڏيل خوشحالي کي يقيني بڻائڻ، سلامتي، ماحولياتي تحفظ ۽ وسيلن جي ??ائيدار انتظام جي گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار جي ??اءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي اهميت رکندڙ آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار انٽرنيشنل ميري ٽائيم بزنس اينڊ فنانس ڪانفرنس 2024ع کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل آرسينيو انتونيو ڊومنگويز سميت ملڪي ۽ غيرملڪي نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ميري ٽائيم افيئرز بابت سڀني جا مفاد گڏيل آهن، پاڪستان جي بليو اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، حڪومت ماهيگيري جي شعبي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪر?? جي ??اءِ قدم کڻي رهي آهي. نائب وزيراعظم ميري ٽائيم سيفٽي ۽ ماحولياتي پائيداري جي اعليٰ ترين معيارن کي برقرار رکڻ جي ??اءِ پ??ڪستان جي ثابت قدم عزم تي زور ڏنو. هن معاشي ترقي جي ??ڪ اهم ٿنڀ جي طور تي متحرڪ بليو اڪانومي جي ??اءِ پ??ڪستان جي ترجيحن ۽ اقتصادي ترقي، نوڪرين جي تخليق ۽ ماحولياتي تحفظ جي ??اءِ سامونڊي وسيلن جي ??ائيدار استعمال جو خاڪو پيش ڪيو. نائب وزيراعظم ماهيگيري ۽ سامونڊي واپار کي وڌائڻ جي ??اءِ سامونڊي سياحت کي فروغ ڏيڻ ۽ ”آف شور“ گئس ۽ پيٽروليم جي ??سيلن جي ڳولا لاءِ پ??ڪستان جي اهميت جي ??ڻ وضاحت ڪئي. محمد اسحاق ڊار چيو ته موجوده دور جي گهرجن موجب ميري ٽائيم ڪانفرنس منعقد ڪر?? تمام ضروري هو. نائب وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ نمائندن ۽ مهمانن سان ٿورا مڃيندي انهن کي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) تحت ماهيگيري جي شعبي کي خاص اهميت حاصل آهي، ماهيگيري جي ??اءِ ٻج ۽ خوراڪ جي صحيح طريقيڪار تحت انتظام ضروري آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته جهازسازي جي صنعت کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪر?? ضروري آهي. ميري ٽائيم انڊسٽري ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن جي حوصلا افزائي ڪنداسين، ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن جي ??اءِ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بليو اڪانومي سان پاڪستان ۾ معاشي استحڪام ايندو. سامونڊي معاملن ۾ جديد رجحانن کي فروغ ڏيڻ جي ??اءِ قدمن جي ضرورت آهي. نائب وزيراعظم ڪامياب ڪانفرنس منعقد ڪر?? تي سامونڊي معاملن واري وزارت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سامونڊي ترقي جي ??اءِ عالمي حصيداري ضروري آهي. هن چيو ته بليو اڪانومي ۾ پاڪستان جو مقصد علائقائي پهچ جو مرڪز بڻجڻ آهي. پاڪستان جي بليو اڪانومي عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. نائب وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته ميري ٽائيم انڊسٽري جي ڊي ڪاربنائيزيشن جاري آهي جڏهن ته مستقبل ۾ پاڪستان ۾ بندرگاهن تي نمايان ترقي ڏسڻ لاءِ ملندي.
واپار جي لاءِ ميري ٽائيم سيڪيورٽي اهميت رکندڙ آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo