اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي وزير??عظ??ن ??ني??دي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻئي ملڪ ??لا??قائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمز تي ويجهي مشاورت جاري رکندا جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ۽ چين جي وزير??عظ?? لي چيانگ جي وچ ۾ وزير??عظ?? هائوس اسلام آباد ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي ??لا??قائي ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي وقت سان گڏ وڌيڪ سگهه ملي رهي آهي.
ٻنهي اڳواڻن ??ني??دي نوعيت جي سمورن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) فيز 2 جي اعليٰ معيار تي ترقي جي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. هنن گڏيل فائديمند ۽ پاڪستان جي سما??ي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ صنعت، زراعت جي جديديت، انفارمي??ن ٽيڪنالاجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت سمورن جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ تحت تعاون هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. وزير??عظ?? محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو يقين ڏياريو. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي رابطن کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. م
لاقات ۾ چيني صنعت جي پاڪستان ۾ ري لوڪيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته پاڪستان ۽ چين ??لا??قائي ۽ عالمي اميت جي مسئلن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ ويجهي مشاورت جاري رکندا.