رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ اٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو ڪانفرنس جي موقعي تي ويٽنام جي وزيراعظم فام من چن سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ويتنام ٻطرفن لاڳاپن ??اص طور تي واپار ۽ سي??پڪ??ري کي مضبوط بڻائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ويٽنام جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سي??پڪ??ري ۾ تعاون وڌائڻ جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا جي تجويز پيش ڪئي. ٻنهي اڳواڻن عوامي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آسيان تنظيم ۾ پاڪستان جي مڪمل ڊائيلاگ پ??رٽنر بڻجڻ جي ڪوششن جي حوالي سان ويٽنام کي تعاون جي درخواست ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ويٽنام جي وزيراعظم کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويٽنام جي وزيراعظم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات