اسلام آباد – پهرين مارچ (اي ??ي پي) معاشي سهڪاري تنظيم (اي سي او) جي 13 هين سربراهه اجلاس ۾ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ اصولن، سياسي آزادي، خودمختياري ۽ علائقائي اتحاد، ملڪن جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي عمل ڪرڻ جي عزم کي ورجائيندي تنظيم جي فعال ڪردار ذريعي درپيش مختلف مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان جي عوام جي گڏيل فائدي ۾ موقعن کي استعمال ?? آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، جڏهن ت?? وزيراعظم محمد نواز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ويو آهي ته سندس قيادت ۾ 13 هون اي سي او سربراهه اجلاس ڪاميابي سان پڄاڻي تي پهتو. 13 هين اي سي او سربراهه اجلاس ۾ منظور ڪيل گڏيل پڌ??نا??ي ۾ چيو ويو آهي ته اقتصادي تعاون ت??ظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن جي مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن 13 هين سربراهه اجلاس ۾ اي سي او پروگرامن ۽ منصوبن ت?? عملدرآمد ۾ اڳڀرائي جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ اي سي او خطي جي گڏيل مفاد جي علائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
اقتصادي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جو گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب