اسلام آباد – 17 اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پارٽي ا??وا??ن سان مشاورت کانپوءِ انجنيئر امير مقام کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جو صدر ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي کي ج??رل سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر پاڪستان مسلم ليگ (ن) وزيراعظم محمد نواز شريف جي سربراهي ۾ خيبرپختونخوا جي سينئر ليگي ا??وا??ن جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿ??و، وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ليگي ا??وا??ن ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) خيبرپختونخوا جي اڳوڻي صدر پير صابر شاهه ۽ اڳوڻي ج??رل سيڪريٽري رحمت سلام خٽڪ جي پارٽي جي لاءِ خدمتن، نظرياتي وابستگي ۽ ڪوششن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪ??و، وزيراعظم محمد نواز شريف ان موقعي تي اميد ظاهر ڪئي ته نوان مقرر ڪيل عهديدار مسلم ليگ (ن) کي خيبرپختونخوا ۾ وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڏس ۾ سموريون صلاحيتون استعمال آڻيندا ۽ عهديدار مسلم ليگ (ن) جي ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلندا.
امير مقام (ن) ليگ ڪي پي ڪي جو صدر ۽ مرتضيٰ جاويد عباسي جنرل سيڪريٽري مقرر
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب