اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشري??ت ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏيڻي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ حمد بن جاسم جو بيان به جي آءِ ٽي کي ئي رڪار?? ڪرائڻو آهي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي حمد بن جاسم جو بيان رڪارڊ نه ٿ?? ڪرائي ته ان ۾ مشڪلاتون پاڪستان مسل?? ليگ (ن) جي لاءِ نه پر جي آءِ ٽي جي لاءِ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حمد بن جاسم چيو ته شريف خاندان ۽ مرحوم محمد شريف جا منهنجي والد سان ڪاروباري لاڳاپا هئا ۽ ان کانپوءِ سيٽلمينٽ ڪئي ۽ ان کي هن هڪ خط لکيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ڪرايو ويو. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم بيان قطر جي حمد بن جاسم جو آهي جنهن بابت هڪ سوال اٿ?? ٿو ۽ اهو سوال سڀني جي ذهن ۾ اٿ?? ٿو ته جي آءِ ٽي انهن سمورن ماڻهن کي گهرايو جن جو پاناما پيپرز سان پري تائين ڪو تعلق نه هو پر ان شخص جنهن جي خط کي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ تي اسان جي سياسي مخالفن پاران تمام گهڻي سياست به ٿي ان شخص حمد بن جاسم جي بيان کي جي آءِ ٽي سڀ کان اڳ رڪارڊ ڇو نه ڪر??يو.
حمد بن جاسم جي بيان کانسواءِ رپورٽ جي آءِ ٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گرم گرم