برلن_ 17 نومبر(اي پي پي) جرمني جي چانسلر اولاف شولز چيو آهي ته جرمني يونان ۽ ترڪيه وچ ۾ س??ن لاڳاپن جي خواهشمند آهي، يورپي يونين ۾ ترڪيه جي پناهگيرن جي معاملي تي ڳالهيون جاري آ??ن، انهن ڳالهين جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهيون، ميڊيا رپورٽن موجب جرمن چانسلر اهڙن خيالن جو اظهار برلن ۾ يونان جي وزيراعظم ڪرياڪوس ميچوتا ڪيس سان ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ، هن ان ڳالهه جو اشارو ڏنو ته ترڪيه ۽ يونان نيٽو جڏهن ته يونان يورپي يونين (اي يو) جو ميمبر آهي، جرمن چانسلر چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ ٻنهي ملڪن جي لڳاپن جي حوالي سان رهنمائي ڪئي آ??ي، هن چيو ته ترڪيه ۽ يونان جي مسئلن جو حل تمام گهڻو ضروري آ??ي، اسان ويجهي مستقبل ۾ يونان ۽ ترڪ حڪومتن ۾ ڳالهين جا منتظر آهيون، يورپي يونين ۽ ترڪيه وچ ۾ پنهاگيرن جي معاهدي جي بحالي جي حوالي سان هن چيو ته يورپي يونين ان حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، ترڪيه پنهاگيرن جي وڏي تعداد کي پناه ڏني آ??ي ۽ اسان اميد ڪيون ??ا ته پنهاگير يورپ طرف لڏ پلاڻ نه ڪندا،يوناني وزيراعظم پڻ ان موقعي تي چيو ته اسان جي حڪومت ترڪيه سان غير قانوني اميگريشن جي روڪ ٿام لاءِ ??هڪار کي هٿي وٺرائڻ چاهي ٿي، يورپي يونين انهن ملڪن جي امداد ۾ اضافو ڪرڻ چاهي ٿو جيڪي ان بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن.
يونان ۽ ترڪيه وچ ۾ سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون: جرمني
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات