اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي ??ي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي ??ي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مسعود ملڪ چيو آهي ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي، ان کي صحيح رخ تي هلائي ملڪ کي ترقي جي رست?? تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، نوجوان نسل حضرت محمد صه جي تعليم تي عمل ڪندي هڪ سٺي مسلمان ۽ خوداحتسابي سان پنهنجو پاڻ کي صحيح ڪري هن معاشري کي صحيح راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هو پاڪستان پازيٽو، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي ??ي پي) جي حصيداري سان ٻن ڏينهن واري ينگ ليڊرز سمٽ دوران شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ سڄي ملڪ جي مختلف حصن مان شاگرد ۽ شاگردياڻين شرڪت ڪئي. پازيٽو پاڪستان جي صدر عابد اقبال گهاري ٻن ڏينهن واري سمٽ جي افتتاح کانپوءِ تعارفي ويهڪ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن سان تعارف ڪرايو ۽ شرڪت ڪندڙن کي پازيٽو پاڪستان جي ويزن 2017ع بابت آگاهه ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي ??ي پي) جي ايم ڊي مسعود ملڪ چيو ته اڄ جي دور ۾ نئين نسل جي مثب?? سوچ سڀ کان اهم ترين ڪم آهي، ان جي لاءِ حڪومت سان گڏوگڏ پازيٽو پاڪستان جهڙين تنظيمن ۽ ٻين ڌرين کي پڻ ان نوعيت جي فورمن جي فراهمي ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته پازيٽو پاڪستان اسان جي نوجوانن ۾ مثب?? سوچ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪري رهي آهي.
اسان جو نوجوان نسل تمام گهڻو باصلاحيت آهي: مسعود ملڪ
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر