اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين ميان رض?? رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏي??دڙ گمنام هيروز جي ياد ۾ پارليا??ين?? جي لان ۾ يادگار جو افتتاح ڪيو. هنن گڏيل طور تي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ميان رض?? رباني چيو ??ه پنهنجي هيروز ۽ ملڪ، قدرن ۽ جمهوريتن جي نصب العين جي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي وساري ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽر ميان رض?? رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏي??دڙ ڪارڪنن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ سارجنٽ ايٽ آرمز شهيدن کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ وڏي انگ ۾ پارليا??ين?? ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.
پارليامينٽ هائوس ۾ گمنام شهيدن جي يادگار جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ