اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال 21 -2020ع لاءِ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح جي هدفن، شعبي جاتي ترقي جي ڪاٿي ۽ تجويز ڪيل سالياني پلان لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فري?? ورڪ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آه??، قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ هلندڙ سال 20 -2019ع جي دوران ملڪي معيشت جي صورتحال ۽ مالي سال 21 -2020ع لاءِ جائزو غور هيٺ آندو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڀرپور ڪوششن کانپوءِ معيشت ۾ واڌ ويجهه ممڪن ٿي تنهن هوندي به ڪورونا وبا جي ڪري اها بري طرح متاثر ٿي آهي، اجلاس ۾ حڪومت طرفان معيشت جي بحالي ۽ خاص طور تي لاڪ ڊائون جي اثرن سان معاشري جي غريب طبقن کي محفوط ڪرڻ لاءِ ??نيل قدمن کي ساراهيو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 21 -2020ع جي دوران جي ڊي پي جي گروٿ جي هدفن سان گڏوگڏ زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبن لاءِ شعبه جاتي واڌ جي ڪاٿن جي به منظوري ڏني وئ??، قومي اقتصادي ڪائونسل تجويز ڪيل سالياني پلان سال 21 -2020ع لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فري?? ورڪ جي به منظوري ڏني، اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال 20 -2019ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو تفصيل سان جائزو و??تو ويو ۽ ايندڙ مالي سال 21 -2020ع لاءِ تجويز ڪيل ترقياتي جائزو به غور هيٺ آندو ويو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا