لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي، ??هو منصوبو لاهور جي آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ مستقبل جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، منصوبو مقرر مدي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، ??ن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ ۾ مقامي افرادي قوت ۽ وسيل کي استعمال ۾ آندو وڃي، ??يڙپڪارن کي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ٺوس پلان جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر، وزيراعظم جي صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چ??ئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثما?? بوزدار، پنجاب جي صوبائي وزير ميان محمود الرشيد، صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب جي چ??ف سيڪريٽري، ??يل ڊي اي جي وائيس چيئرمين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وڊيو لنڪ ذريعي خاص معاون ملڪ امين اسلم، ايف بي آر چيئرمين، هائوسنگ، منصوبابندي، ??وا??ائي، پيٽروليم، قانون وارن وفاقي سيڪريٽرين، سي ڊي اي چ??ئرمين پڻ شرڪت ڪئي. خيبرپختونخواهه، سنڌ، بلوچستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي چ??ف سيڪريٽرين پڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه جي چ??ف سيڪريٽرين عوامي سهولت جي لاءِ قائم ڪيل ون ونڊو آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان پورٽ جاري ڪرڻ سان ڪو به خواهشمند شهري ڪو به تعميراتي منصوبو شروع ڪرڻ جي لاءِ آن لائن درخواست ڏئي سگهندو. ان پورٽل سان انساني مداخلت گهٽ کان گهٽ ٿيندي ۽ هر موقعي تي درخواست ۾ اڳڀرائي جي خبر پئجي سگهندي. وڌيڪ اهو ته ان پورٽل سان لاڳاپيل آفيسرن جي ڪارڪردگي متعين ڪرڻ جو موقعو به ملندو. وزيراعظم سنڌ ۽ خيبرپختونخواهه پاران آن لائن پورٽل جاري ڪرڻ کي ساراهيو.
راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاهور جي لاءِ تمام اهم منصوبو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر