اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از اڄوڪي ڏينهن عورت صحافين کي به خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو ۽ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ و??اقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته ميڊيا جي ترقي ۽ عوام تائين صحيح معلومات جي ف??اهمي ۾ مردن وانگر عورت صحافي به اهم ڪردار ادا ڪري ره??ون آهن. حڪومت صحافين خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ ڀلائي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي ره?? آهي. هن چيو ته عورتون ان شعبي ۾ آزاداڻي ۽ بهترين انداز ۾ پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي ره??ون آهن، انهن لاءِ وڌيڪ سازگار ماحول جي ف??اهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ره??ا آهيون. هن چيو ته زينب الرٽ ريسپانس اينڊ ريڪوري قانون ۽ زينب الرٽ ايپ جاري ??رڻ ٻارن جي تحفظ ۽ سلامتي ۽ کين ڪڌي ظلم کان بچائڻ لاءِ هڪ عملي قدم آهي.
عورت صحافين پنهنجي قلم جي قوت سان صحافت جي آزادي جي روشن روايتن کي برقرار رکيو: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena