اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ڪومت کي مهانگائي کان عام ماڻهو جي متاثر هجڻ جو پتو آهي، معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي مدد لاءِ حڪومت ٽارگيٽڊ سبسڊيز ڏئي رهي آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ احساس پروگرام تحت معاشر?? جي ڪمزور طبقن لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊيز جي فراهم?? جي حوالي سان منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت غربت جو شڪار خاندانن کي ٽارگيٽيڊ سبسڊيز فراهم ڪرڻ جي باري ۾ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ??ڪومت کي عام ماڻهو کي مهگائي سبب درپيش مشڪلاتن جو احس??س آهي ان لاءِ معاشر?? جي ڪمزور طبقن کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز فراهم ڪئي ويندي،
وزيراعظم چيو ته ڪامياب پاڪستان، صحت سهولت ڪارڊز، احساس پروگرام موجوده حڪومت جا نمايان منصوبا آهن جنهن ??و مقصد معاشر?? جي ڪمزور طبقن جي مدد ڪرڻ آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته ??ام ماڻهو کي ٽارگيٽڊ سبسڊيز حاصل ڪرڻ جي باري ۾ طريقڪار کان آگاهه ڪرڻ لاءِ جامع آگاهي پروگرام شروع ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??حساس پروگرام نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي سهڪار سان هڪ موبائيل ايپ تيارڪ ئي آهي جنهن جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ احساس پروگرام تحت مستحقين کي ضروري شين ۽ سستي اگهه تي فراهم ڪيون وڃن، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ??حساس پروگرام تحت ٽارگيٽڊ سبسڊيز جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ طريقيڪار واضح ڪيو ويو آهي،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل کانسواءِ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر، ن??شنل بنئڪ جو صدر ۽ سينئر عملدار موجود هئا.