اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي ??ائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪ??دي چيو آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي ??سيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر اسد قيصر چيو ته پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قوم ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ملڪ جي لاءِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي ??نيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سن??س گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي ??سيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر الله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بل??دي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.
اسد قيصر ۽ قاسم خان سوري پاران ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش