اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بل اينڊ ميلن??ا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس کي پاڪستاني عوام جي لاءِ خدمتن خاص طور تي پوليو جي خ??تمي لاءِ ڪوششن جي اعتراف ۾ هلال پاڪستان ايوارڊ سان نوازيو. ايوان صدر ۾ ان حوالي سان خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سميت وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. بل اينڊ ميلن??ا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ پوليو جي خ??تمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ مختلف طريقن سان مالياتي نظام ۾ تعاون فراهم ڪري رهي آهي. بل اينڊ ميلن??ا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جو شريڪ چيئرمين بل گيٽس وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil