اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اف??ان حڪومت ??ان گڏجي ڪم ڪندو. غيرملڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي سول ۽ ملٽري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ جي خلاف ڪ?? ڪندڙن کي برداشت نه ڪيو ويندو، ان حوالي ??ان مڪمل اتفاق آهي ته جيڪو به دهشتگردي ۾ ملوث آهي ان ??ان ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۽ اف??انستان ٻنهي کي دهشتگردي درپيش آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام دهشتگردي جو شڪار آهي جنهن کي وقت سر منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته پرامن اف??انستان جي لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ??سا?? اف??ان عبوري حڪومت تي به زور ڏنو آهي ته اها عالمي برادري ??ان ڪيل واعدا پورا ڪري. هن تازي ٻوڏ ??ان پيدا ٿيندڙ آزمائش جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان ??ان تعاون ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي عالمي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي دوستن جا ٿورا مڃيا جن جنيوا ڊونرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ مدد جو اعلان ڪيو آهي.
پاڪستان پرامن پاڙيسريت تي يقين رکي ٿو ۽ خطي ۾ دهشتگردي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغان حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2