لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روس جي توانائي واري وزير نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي ل??ءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو، روس سان پ??ڪس??ان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم روس سان لاڳاپن جي پ??ڪس??ان جي ل??ءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي ل??ءِ ٻنهي طرفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس جي توانائي وزير وزيراعظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پ??ڪس??ان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ل??ءِ روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي طرفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي ل??ءِ توانائي جي شعبي جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پ??ڪس??ان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم 20 جنوري 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي اٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
وزيراعظم سان روس جي توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ وفد جي لاهور ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک