اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي متحرڪ ميمبر جي حيثيت سان عالمي فورمز تي ڪم جاري رکندو. پرڏي??ي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس پرڏي??ي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جو هڪ متحرڪ ميمبر ملڪ آهي، ملڪ ۾ تازي تبا??ي آڻيندڙ ٻوڏ دوران گڏيل قومن پاران مدد ??ار??هه جوڳي آهي. ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون سميت انساني امداد تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار کي ??ار??هيو.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ