اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پورهيتن ۽ مزدورن جو عالمي ڏينهن اسان کي انهن مزدورن جي ??ربانين جي ??اد ڏياري ٿو جن پنهنجي حقن جي ??اءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، هي ڏينهن نه رڳو محنت جي تقدس ۽ وقار جي علامت آهي پر هي ملڪ جي ??عاشي ترقي ۾ مرڪزي حيثيت رکندڙ مزدورن ۽ پورهيتن جي اهميت جو اعتراف آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پورهيتن جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته اسان جو عظيم مذهب اسلام سماجي انصاف، برابري ۽ انساني حقن ج?? احت??ام جي اصولن تي زور ڏي ٿو، الله تعاليٰ ۽ خاتم ا??نبين رسول الله ﷺ اسان کي حڪم ڏنو آهي ته اسان مزدورن جي حقن کي انتهائي اهميت ڏيون ۽ انهن حقن کي پنهنجو بنيادي فرض سمجهندي ان کي سرانجام ڏيڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪريون، حضور ﷺ جي زندگي ۾ اسان کي محنت جي عظت ۽ پورهيت طبقي جي حقن ج?? احت??ام جا بي شمار متاثر ڪندڙ مثال ملن ٿا. وزيراعظم چيو ته اسلام عالمي ليبر قانونن جي ??اڳو ٿيڻ کان تمام گهڻو اڳ ئي مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي حوالي سان رهنما اصول طئي ڪري ڇڏيا هئا، مزدور ۽ آجر پيداواري عمل ۾ حصيدار آهن ۽ انهن جو تعاون ۽ دوستاڻو تعلق ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اءِ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت پورهيتن جي ڪم ڪرڻ ۽ زندگي گذارڻ ??ي حالتن کي بهتر بڻائڻ ۽ انهن جي ۽ انهن جي خاندانن جي ??اءِ بهتر رهائش، تعليم جي سهولت ۽ صحت جو تحفظ فراهم ڪري انهن جي ڀلائي جي ??اءِ پرعزم آهي، مهانگائي جي بلند شرح ۽ ٻين معاشي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500 رپيا ماهوار مان وڌائي 25000 رپيا ماهوار ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت مزدورن جي ??لاحي ادارن جي ??اءِ خودڪار، ٺوس نظام تيار ڪرڻ ??ي حوالي سان ڪم ڪري رهي آهي، ليبر مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت پيشيواراڻي تربيت ۽ هنر جي ترقي جا پروگ??ام شروع ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته اچو اڄ جي ڏينهن اسان سڀ انفرادي ۽ اجتماعي ٻنهي سطحن تي پورهيتن جي حقن جي ??اءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ??و وچن ڪريون.
پورهيتن ۽ مزدورن جو عالمي ڏينهن اسان کي انهن مزدورن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس