اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ مان اسمگلنگ جي ناسور ج?? خاتمي تائين سک سان نه ويهندس، ڪجهه ڪارين رڍن کي ملڪ جي پرڏيهي ناڻي ۽ پاڪستاني?? جي حق تي هرگز ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندس، اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ وزيراعظم جي صدارت ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪئي و??ي، وفاقي گهرو وزير راڻا ث??اء?? الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسر?? جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري، اسمگلنگ ۾ ملوث يا ا?? جي روڪٿام ۾ سستي ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪري محڪماڻي ڪارروائي ڪئي وڃي، اسمگلنگ جي ڪوشش دوران ضبط ٿيل مال جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪري اصل ڏوهارين کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي و??رين عدالتن جو انگ ۽ صلاحيت کي وڌايو وڃي، اسمگلنگ جي خاتمي و??رين عدالتن ۾ جلد فيصلا ۽ سخت سزائون يقيني بڻايون وڃن، اسمگلنگ جي ڪاري ڌنڌي ۾ ملوث ملز مالڪن، ڊيلرز ۽ گودام مالڪن سڀني کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، اسپارڪو اسمگلنگ جي سرگرمي?? جي سيٽلائيٽ نگراني ۾ مدد ڪري، اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ سرگرم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ مان ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلنگ جي روڪٿام تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي و??يرن راڻا ث??اء?? الله، سيد مرتضيٰ محمود، طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، حساس ادار?? جي سربراهن، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي نمائندن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ جي سرحدي ضلعن ۽ صوبائي سرحدن تي جاري اسمگلنگ جي خاتمي جي ڪاررواين بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بلوچستا?? جي سرحدي ضلعن ۾ ايف بي آر ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي گڏيل چيڪ پوسٽ?? جي انگ کي وڌائي 10 ڪيو ويو آهي جڏهن ته جوائنٽ پيٽرولنگ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل ڪجهه هفتن دوران خضدار مان 6 هزار ٽن کان وڌيڪ اسمگلنگ جون شيون قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن، رڳو گذريل هفتي ۾ ئي آپريشن دوران ضبط ڪئي ويندڙ شين جو مقدار 4342 ٽن آهي جيڪو ٽرڪ?? جي قافلن ۽ گودامن ۾ اسمگلنگ جي نيت سان موجود هو. اجلاس کي حساس ادار?? جي نشاندهي تي اسمگلنگ ۾ سهولتڪاري فراهم ڪندڙ آفيسر?? جي برطرفي ۽ شهرت يافته آفيسر?? جي مقرري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ حساس ادار?? جي اهلڪار?? جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته الله رب العزت جي ڪرم ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي گذريل 10 سال?? جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار ٿي، ٻوڏ ۽ برسات?? جي باوجود آبادگار?? جي محنت ۽ حڪومت جي ڪوششن سان ڀرپور پيداوار تي هن ملڪ جي عوام جو حق آهي، اسمگلرن کي هرگز هن ملڪ جي عوام جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪرڻ نه ڏيندس، حڪومت ايندڙ سال ڪڻڪ جي هلندڙ سال کان به وڌيڪ پيداوار ج?? لاءِ منصوبابندي ڪري رهي آهي، حڪومت آبادگارن کي ايندڙ فصل جي لاءِ يوريا جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ ٺوس منصوبي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڏينهن رات محنت سان پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪڻڪ برآمد ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين، ڪڻڪ، يوريا ۽ کنڊ جي اسمگلر?? جي خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي ۽ قرار واقعي سزا ڏني وڃي، اسمگلنگ ۾ ملوث ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته وفاقي گهرو وزير راڻا ث??اء?? الله فوري طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جو دورو ڪري ۽ صوبائي انتظاميا سان گڏجي لاڳاپيل آفيسر?? جي ڪارڪردگي جي جائزه رپورٽ پيش ڪري.
ملڪ مان اسمگلنگ جي ناسور جي خاتمي تائين سک سان نه ويهندس: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ