اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي ڪوريا ۽ سريلنڪا سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پ??ڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڏکڻ ڪوريا ۽ سريلنڪا جي سفيرن سان الوداعي ملاقات دوران ڪيو. صدر جمهوريه ڪوريا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سوه سنگ پيو سان ڳالهائيندي چيو ته پ??ڪستان ڪوريا سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ??و، پاڪستان ۽ڪوريا سياسي، اقتصادي، سائنسي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پ??ڪستان ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ سمورن حصيدارن کي ڀليڪار چوي ??و، پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪندو، پاڪستان ڪوريا سان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراع?? جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهي ٿو. صدر ڪوريا سان ثقافتي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته پ??ڪستان ڪوهه پيمائي ۽ مذهبي سياحتي جايون رکندڙ آهي. ڊاڪٽ?? عارف علوي چيو ته پ??ڪستان ڪورياجي سياحن کي ٻڌم?? جي جاين جي سير ڪرڻ جي لاءِ ڀليڪار چوندو، گنڌارا تهذيب ۽ ٻڌم?? جي مقدس جايون ڪورين سياحن جي لاءِ ڪشش جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. صدر سريلنڪا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر موهن وجيوڪرما سان ڳالهائيندي چيو ته سريلنڪا ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان جو ٻيو وڏو واپاري حصيدار آهي، آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن کي سار?? جي بحالي لاءِ راهون ڳولڻ گهرجن. صدر چيو ته ٻنهي ملڪن کي ڏکڻ ايشيا ۾ غرب?? جي خاتمي، امن ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهر??ي، گڏيل قومن ۽ عالمي ادارن ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا جي هڪ ٻئي جي حمايت خوش آئنده آهي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته پ??ڪستان ۽ سريلنڪا جو عالمي فورمن تي تعاون جاري رهندو. صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي پاڪستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون بهتر بڻائڻ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفيرن جي ڪردار کي ساراهيو.
پاڪستان مختلف شعبن ۾ ڪوريا جي سيڙپڪاري جي آجيان ۽ آزاد واپاري معاهدي تحت سريلنڪا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ چاهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا