ڪراچي-13 جون (اي پي پي) سامونڊي فوج بپر جواءِ نالي سامونڊي طوفان جي پيش ??ظر سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ??اڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد ف??اه?? ڪئي، جڏهن ته 64 مهاڻن کي سمنڊ مان ريسڪيو ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ نيوي سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي پيش ??ظر سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ بروقت مدد ف??اه?? ڪرڻ لا??ِ پنهنجن سڀني اثاثن سان هر وقت تيار آهي. پاڪ نيوي جي دستن شاه بندر سان لاڳاپيل ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ??اڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد ف??اه?? ڪئي ۽ 64 مهاڻن کي سمنڊ کان ريسڪيو ڪيو. بدلجندڙ صورتحال ۽ هر وقت امدادي ڪارروائين جي نگراني لا??ِ هيڊڪوارٽر ڪمانڊر ڪراچي ۾ سائيڪلون مانيٽرنگ سيل قائم ڪري ڇڏيو. پاڪ نيوي جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي جاري ڪيل هدايتن موجب سڀني اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري مهاڻن کي اونهي ۽ کليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جو چيو پيو وڃي. پاڪ نيوي جي ايمرجنسي رسپانس ۽ طبي ٽيمون بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ فوري امداد ف??اه?? ڪرڻ لا??ِ مقرر ڪيون ويون آهن. پاڪ نيوي جا جهاز کليل سمنڊ ۾ گشت دوران سامونڊن ۾ ڦاٿل ٻيڙين کي مدد ف??اه?? ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. ڪراچي ۾ پاڪ نيوي جي اسپتالن ۾ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا??ِ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. سامونڊي طوفان بپر جواءِ کان عوام کي محفوظ رکڻ لا??ِ پاڪ نيوي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ۽ مقامي حڪومتن سان لڳاتار رابطي ۾ آهي ته جئين ضرورت جي پيش ??ظر بروقت مدد ف??اه?? ڪري سگهجي.
سامونڊي فوج سامونڊي طوفان جي پيش نظر سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، 64 مهاڻن کي سمنڊ مان ريسڪيو ڪيو
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ